اقوام متحده طرفان قائم ڪيل عمارت

اقوام متحده طرفان قائم ڪيل عمارت

اقوام متحده جو مونوگرام

اقوام متحده جو مونوگرام

اقوام متحده

اقوام متحده: اقوام متحده دنيا جي قومن جو گڏيل ادارو آهي، جيڪو 24 آڪٽوبر 1945ع تي وجود ۾ آيو. پهرين مهاڀاري لڙائي 1918ع ۾ ختم ٿي ته ان وقت دنيا جي ملڪن گڏجي 1920ع ۾ ”ليگ آف نيشنز“ جو بنياد وڌو، پر ڪيترن ئي سببن ڪري اهو ادارو ناڪام ويو. 1939ع ۾ مهاڀاري لڙائي شروع ٿي، جنهن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن حصو ورتو. ان لڙائيءَ ۾ جپان جي ٻن شهرن ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي آمريڪي ائٽم بمن سان حملو ٿيو، جنهن ۾ لکين انسان گهڙيءَ پل ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪيترائي معذور ۽ زخمي ٿيا ۽ ڌرتيءَ جا موجود فصل ۽ معدني ذخيرا تباهه ٿيا. ان لڙائيءَ ۾ لکين انسان مُئا. اندازي کان ٻاهر مالي نقصان ٿيو. بي گهرن جو تعداد حد کان وڌي ويو. ملڪن جي معاشي حالت برباد ٿي وئي. لڙائيءَ دوران دنيا جي قومن جي ڪنهن گڏيل معتبر اداري لاءِ ڪوششون شروع ٿيون. آخر 1945ع ۾ ”يونائيٽيڊ نيشنز آرگنائيزيشن“ (UNO) جو مشهور ۽ معروف ادارو وجود ۾ آيو، جنهن جي منشور تي 24 آڪٽوبر 1945ع تي دنيا جي پنجاهه ملڪن صحيحون ڪيون. UNO يا اقوام متحده جا خاص مقصد هي آهن: دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، هر قوم کي حق وٺي ڏيڻ ۽ انهن جو تحفظ ڪرڻ. عام ماڻهن کي هڪ جيترا حق وٺي ڏيڻ. قومن جي وچ ۾ دوستاڻا تعلقات قائم ڪرڻ، بين الاقوامي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخي تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ.
چين، فرانس، برطانيا، آمريڪا ۽ روس هن اداري جا پنج مستقل رڪن آهن، ڏهه غير مستقل رڪن جنرل اسيمبلي چونڊيندي آهي، جن جي رڪنيت فقط ٻه سال هوندي آهي. هن وقت اقوام متحده سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون آهي، جڏهن ته ميمبر ملڪن جو تعداد 152 آهي. پاڪستان به انهن ۾ شامل آهي.


لفظ اقوام متحدهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو